اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ ان جي وسيع معاشي اثرن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم خطي ۽ ان جي ٻاهر امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان طرفان تعميري رابطن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو ڪويتي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو

مزید خبریں
اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ۽ ان جي وسيع معاشي اثرن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم خطي ۽ ان جي ٻاهر امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان طرفان تعميري رابطن ۽ سفارتڪاري کي اڳتي وڌائڻ جي مسلسل ڪوششن کي اجاڳر ڪيو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق ڪويت جي پرڏيهي وزير مسلم امت ۽ عالمي برادري لاءِ پائيدار امن ۽ سلامتي جي قيام جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.











