راولپنڊي-02 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ويزن تحت صوبي ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کنيا پيا وڃن. هن اهو ٻڌايو ته راولپنڊي ڊويزن گريڊ – 2 ڪرڪيٽ ٽيم جي چونڊ لاءِ باقاعده ٽرائلز جي شروعات ڪئي وئي آهي جتي نج ميرٽ جي بنياد تي باصلاحيت نوجوان رانديگرن …
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ويزن تحت صوبي ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کنيا پيا وڃن: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
راولپنڊي-02 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ويزن تحت صوبي ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کنيا پيا وڃن. هن اهو ٻڌايو ته راولپنڊي ڊويزن گريڊ – 2 ڪرڪيٽ ٽيم جي چونڊ لاءِ باقاعده ٽرائلز جي شروعات ڪئي وئي آهي جتي نج ميرٽ جي بنياد تي باصلاحيت نوجوان رانديگرن کي اڳتي آڻڻ جو عملي مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، راول پارڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٽرائلز جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جون واضح هدايتون آهن ته راندين جي شعبي ۾ سفارشي ڪلچر جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي ۽ هيٺين سطح کان حقيقي ٽئلينٽ کي ڳولي ان کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته ان لاءِ ٽرائلز جي ان عمل کي مڪمل شفاف ۽ ميرٽ تي بڻايو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به باصلاحيت رانديگر سان ناانصافي نه ٿئي، سندس چوڻ هو ته ٽرائلز ذريعي چونڊيل ٽيم کي پنجاب حڪومت طرفان عالمي معيار جون تربيتي سهولتون، ڪوچنگ ۽ ٻيا ضروري وسيلا فراهم ڪيا ويندا. انهن قدمن جو مقصد نوجوانن کي نه رڳو راندين طرف راغب ڪرڻ آهي پر کين هڪ محفوظ ۽ مثبت پليٽ فارم مهيا ڪرڻ پڻ آهي جتي هو پنهنجون صلاحيتون نکاري سگهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت جو اهو ٽئلينٽ هنٽ پروگرام صرف راولپنڊي تائين محدود ناهي پر صوبي جي سمورين ڊويزنن ۾ اهڙي طرح ٽرائلز جو بندوبست ڪيو ويندو جنهن سان سڄي صوبي جي نوجوانن کي هڪجهڙا موقعا ميسر ايندا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ مستقبل ۾ اهڙا باصلاحيت رانديگر سامهون ايندا جيڪي قومي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪندا.











