اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) سعودي عرب طرفان جاري ڪيل تازي تعليمي روشني ۾ پاڪستان حج مشن هڪ اهم وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي جنهن تحت 15 سال کان گهٽ عمر جي حج پانڌئيڙن تي لاڳو پابندي ختم ڪئي وئي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب سعودي حڪم نامي کانپوءِ هاڻي 12 سالن کان وڌيڪ عمر جا حج پانڌيئڙا به حج جي سعادت حاصل …
سعودي عرب جي تعليم جي روشني ۾ حج پانڌئيڙن لاءِ عمر جي حد ۾ نرمي، 15 سالن جي پابندي ختم

مزید خبریں
اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) سعودي عرب طرفان جاري ڪيل تازي تعليمي روشني ۾ پاڪستان حج مشن هڪ اهم وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي جنهن تحت 15 سال کان گهٽ عمر جي حج پانڌئيڙن تي لاڳو پابندي ختم ڪئي وئي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب سعودي حڪم نامي کانپوءِ هاڻي 12 سالن کان وڌيڪ عمر جا حج پانڌيئڙا به حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب وڃي سگهندا. بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته 15 سالن جي عمر واري تجويز ڪيل پابندي جو فيصلو واپس ورتو ويو آهي ۽ 12 سالن جي عمر جي حد رکندڙ اڳوڻي پاليسي ئي برقرار رهندي. ان فيصلي سان انهن هزارين خاندانن کي رليف ملندو جيڪي پنهنجي ٻارن سان حج جي سفر جي خواهش رکن ٿا.











