اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو 11 هون ايڊيشن پنهنجي پڄاڻي واري مرحلي طرف روان دوان آهي. پي ايس ايل ۾ جمعي ڏينهن ايليمينيٽر ٽو ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ حيدرآٻاد ڪنگزمين جون ٽيمون قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ زور آزمائينديون. ميچ رات 7 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي …
حيدرآباد ڪنگز مين ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جون ٽيمون پي ايس ايل ايليمينيٽر ٽو ميچ ۾ جمعي جي ڏينهن زور آزمائينديون
اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو 11 هون ايڊيشن پنهنجي پڄاڻي واري مرحلي طرف روان دوان آهي. پي ايس ايل ۾ جمعي ڏينهن ايليمينيٽر ٽو ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ حيدرآٻاد ڪنگزمين جون ٽيمون قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ زور آزمائينديون. ميچ رات 7 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي اهتمام هيٺ پي ايس ايل جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ اڄ ايليمينيٽر ٽو ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ حيدرآباد ڪنگز مين جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جي ڪري پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 13 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي جڏهن ته حيدرآباد ڪنگزمين جي ٽيم 10 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي رهي هئي. اسلام آباد جي ٽيم جي قيادت مشهور آل رائونڊر شاداب خان ڪندو، ان ٽيم ۾ ڊيون ڪانوي، سمير منهاس، محسن رياض، مارڪ چيپ مين، حيدر علي، فهيم اشرف ٻيا بهترين رانديگر شامل آهن. حيدرآباد ڪنگزمين کي مشهور آسٽريلوي بيٽس مين مارنس لبوشين ليڊ ڪندو. هن ٽيم ۾ معاذ صداقت، صائم ايوب، عثمان خان، ڪوسل پريرا، گلين ميڪسويل، عرفان خان، حسن خان، حنين شاهه، محمد علي ٻيا رانديگر شامل آهن. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فائنل ميچ 3 مئي تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.












