اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو 11هون ايڊيشن پنهنجي پڄاڻيءَ واري مرحلي طرف گامزن آهي. پي ايس ايل ۾ اربع ڏينهن ايليمنيٽر ون ميچ کيڏيو ويندو جنهن ۾ ملتان سلطانز ۽ حيدرآباد ڪنگز مين جون ٽيمون قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ميچ رات 7 وڳي شروع ٿيندو ۽ فلڊ لائٽس جي روشنيءَ ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ …
حيدرآباد ڪنگز مين ۽ ملتان سلطانز جون ٽيمون پي ايس ايل ايليمنيٽر ون ميچ ۾ اربع تي آمهون سامهون ٿينديون
اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو 11هون ايڊيشن پنهنجي پڄاڻيءَ واري مرحلي طرف گامزن آهي. پي ايس ايل ۾ اربع ڏينهن ايليمنيٽر ون ميچ کيڏيو ويندو جنهن ۾ ملتان سلطانز ۽ حيدرآباد ڪنگز مين جون ٽيمون قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ميچ رات 7 وڳي شروع ٿيندو ۽ فلڊ لائٽس جي روشنيءَ ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ (اڄ) ايليمنيٽر ون ميچ ۾ ملتان سلطانز ۽ حيدرآباد ڪنگز مين جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ملتان سلطانز جي ٽيم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي عيوض پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 12 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي، جڏهن ته حيدرآباد ڪنگز مين ٽيم 10 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي رهي هئي. ملتان سلطانز جي ٽيم ناليواري آسٽريلوي بيٽسمين ايشٽن ٽرنر جي اڳواڻيءَ ۾ ميدان ۾ لهندي، ان ٽيم ۾ صاحبزاده فرحان، اسٽيون سمٿ، جوش فلپ، شان مسعود، عرفات منهاس، محمد عمران رنڌاوا، پيٽرسڊل، محمد وسيم جونيئر، محمد اسماعيل ۽ فيصل اڪرم جهڙا بهترين رانديگر شامل آهن. حيدرآباد ڪنگز مين جي قيادت ناليوارو آسٽريلوي بيٽسمين مارنس لبوشين ڪري رهيو آهي ۽ ٽيم ۾ شرجيل خان، معاذ صداقت، صائم ايوب، عثمان خان، ڪوسل پريرا، گلين ميڪسويل، عرفان خان، حسن خان، حنين شاهه، محمدعلي، عاڪف جاويد جهڙن رانديگرن جون خدمتون حاصل آهن. حيدرآباد ڪنگز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ لاهور ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ايليمنيٽر ۾ بنگلاديش جو شاهد سيڪت ۽ آصف يعقوب آن فيلڊ امپائر هوندا. ان ميچ ۾ راشد رياض ٿرڊ جڏهن ته ناصر حسين فورٿ امپائر طور فرض سرانجام ڏيندا. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو فائنل ميچ 3 مئي تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو.












