پي ايس ايل ڪواليفائر ۽ ٻنهي ايليمنٽيرز لاءِ ميچ آفيشلز پينل جو اعلان

لاهور -28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) پاڪستان  سپر ليگ جي ڪواليفائر ۽ ٻنهي ايليمنٽيرز جي لاءِ ميچ آفيشلز پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آءِ سي سي ايليٽ پينل جي ميچ ريفر سر رچي رچرڊسن  اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏجندڙ ڪواليفائر ۾ ميچ ريفري هوندو. پي سي بي جي ترجمان  موجب سر رچي رچرڊسن هن ئي سال ٽورنامينٽ ۾ ميچ ريفري جي حيثيت سان …

لاهور -28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) پاڪستان  سپر ليگ جي ڪواليفائر ۽ ٻنهي ايليمنٽيرز جي لاءِ ميچ آفيشلز پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آءِ سي سي ايليٽ پينل جي ميچ ريفر سر رچي رچرڊسن  اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏجندڙ ڪواليفائر ۾ ميچ ريفري هوندو. پي سي بي جي ترجمان  موجب سر رچي رچرڊسن هن ئي سال ٽورنامينٽ ۾ ميچ ريفري جي حيثيت سان ڊيبيو ڪيو آهي ۽ هيءَ ميچ سندس ايونٽ ۾ ڏهون مقابلو هوندي. ڪواليفائر ۾ نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ ڪرس گيفني ۽ انگلينڊ جي اليڪس واف آن فيلڊ امپائر هوندا، جيڪي آءِ سي سي جي انٽرنيشنل ايليٽ پينل جو حصو آهن. ان ميچ لاءِ فيصل خان آفريدي، ٿرڊ امپائر جڏهن ته ذوالفقار جان فورٿ امپائر جون ذميواريون انجام ڏيندا. ٻنهي ايليمنٽيرز  ۾ ميچ ريفري جا فرض سريلنڪا جو تجربيڪار امپائير روشن مهانامه انجام ڏيندو، جنهن ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي هر ايڊيشن ۾ ميچ ريفري طور خدمتون انجام ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. هو هن وقت تائين ليگ جي 127ميچن ۾ اهي ذيواريون نڀائي چڪو آهي. (اڄ) 29 اپريل تي حيدرآباد ڪنگز ۽ ملتان سلطانز  وچ ۾ لاهور ۾ کيڏجندڙ پهرين ايليمينٽري ۾ بنگلاديش جي شاهد سيڪت ۽ آصف يعقوب  آن فيلڊ امپائر هوندا. ان ميچ ۾ راشد رياض ٿرڊ امپائر جڏهن ته ناصر حسين فورٿ امپائر طور فرض انجام ڏيندا. ٻي ايليمينٽر ۾ آءِ سي سي ايليٽ پينل جو احسن رضا ۽ شاهد سيڪت آن فيلڊ امپائر هوندا جڏهن ته آصف يعقوب ٿرڊ ۽ راشد رياض فورٿ امپائر طور ذميواريون نڀائيندا.

مزید خبریں