شوقينن کي اسٽيڊيم ٻاهران پڪنڪ ۽ جشن ملهائڻ جي اجازت ملي وئي

بوسٽن -28 اپريل (اي پي پي) آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا  ۾ شيڊول ٿيل فيفا ورلڊڪپ 2026ع جي حوالي سان شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري سامهو اچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ميزبان ڪميٽي اعلان ڪيو آهي، ته فٽبال ميچن کان اڳ بوسٽن اسٽيڊيم جي پارڪنگ ايريا ۾ شوقينن کي ٽيل گيٽنگ يعني گاڏين جي پاس جمع ڪرائي کاڌي پيتي ۽ جشن ملهائڻ جي اجازت هوندي. فيفا ان …

بوسٽن -28 اپريل (اي پي پي) آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا  ۾ شيڊول ٿيل فيفا ورلڊڪپ 2026ع جي حوالي سان شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري سامهو اچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ميزبان ڪميٽي اعلان ڪيو آهي، ته فٽبال ميچن کان اڳ بوسٽن اسٽيڊيم جي پارڪنگ ايريا ۾ شوقينن کي ٽيل گيٽنگ يعني گاڏين جي پاس جمع ڪرائي کاڌي پيتي ۽ جشن ملهائڻ جي اجازت هوندي. فيفا ان کان اڳ ٽورنامينٽ کان پهرين  سمورن 104 ميچن دوران اهڙي طرح جي سرگرمين تي پابندي جو شروعاتي فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته هاڻي ان فيصلي کي واپس ورتو ويو آهي. ميزبان ڪميٽي موجب گلٽ اسٽيڊيم ۾ مقامي پاليسين تحت شوقين اهڙي طرح جشن ملهائي سگهندا جيئن هو آمريڪي فٽبال  جي ميچن دوران ملهائيندا هئا. رپورٽ موجب ورلڊڪپ دوران پارڪنگ  لاءِ جڳهه ڪافي محدود هوندي، جتي عام طور تي 20 هزار گاڏين جي گنجائش هوندي، اتي ورلڊڪپ دوران صرف 5 هزار پارڪنگ اسپاٽس دستياب هوندا. انتظاميه شوقينن جي سهولت لاءِ ٽرين ۽ بس سروس جي ڪراين جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اهي ڪرايا عام ميچن جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا وڌيڪ رکيا ويا آهن.

مزید خبریں