وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪراچي ۾ حد دخلين بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪراچي ۾ حد دخلين جي خاتمي بابت اهم ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هن ڪيس ۾ صوبائي وزير سعيد غني خلاف توهين عدالت جي درخواست تي پڻ ٻڌڻي ٿيندي. حد دخلين واري ڪيس ۾ سعيد غني خلاف عدالتي حڪمن جي مبينه ڀڃڪڙي تي توهين عدالت جي درخواست 2019ع ۾ داخل ڪئي وئي هئي جنهن کي …

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪراچي ۾ حد دخلين جي خاتمي بابت اهم ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هن ڪيس ۾ صوبائي وزير سعيد غني خلاف توهين عدالت جي درخواست تي پڻ ٻڌڻي ٿيندي. حد دخلين واري ڪيس ۾ سعيد غني خلاف عدالتي حڪمن جي مبينه ڀڃڪڙي تي توهين عدالت جي درخواست 2019ع ۾ داخل ڪئي وئي هئي جنهن کي هاڻي باقاعده ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي آئيني عدالت جي ٻه رڪني بينچ جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 30 اپريل تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. عدالت سعيد غني، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان کانسواءِ عدالت طرفان ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي جي مڪاني ادارن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن هو ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجو موقف پيش ڪن.

مزید خبریں