آءِ بي سي سي جي انتظام هيٺ آل پاڪستان انٽر بورڊز هاڪي چيمپئن شپ 26-2025ع ڪاميابي سان منعقد، تعليمي ادارن ۾ اسپورٽس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ جو عزم

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي)انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) پنهنجي ذيلي ڪميٽي انٽر بورڊ اسپورٽس ڪميٽي ذريعي آل پاڪستان انٽر بورڊز هاڪي چيمپئن شپ 26-2025ع ڪاميابي سان منعقد ڪئي، جنهن جي ميزباني لاهور بورڊز 21 کان 23 اپريل تائين ڪئي. چيمپئن شپ ۾ سڄي ملڪ جي 12 تعليمي بورڊز ڀرپور شرڪت ڪئي جن ۾ لاهور، گجرانوالا، سرگوڌا، فيصل آباد، ساهيوال، راولپنڊي، بهاولپور، ملتان، پنجاب بورڊ آف …

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي)انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) پنهنجي ذيلي ڪميٽي انٽر بورڊ اسپورٽس ڪميٽي ذريعي آل پاڪستان انٽر بورڊز هاڪي چيمپئن شپ 26-2025ع ڪاميابي سان منعقد ڪئي، جنهن جي ميزباني لاهور بورڊز 21 کان 23 اپريل تائين ڪئي. چيمپئن شپ ۾ سڄي ملڪ جي 12 تعليمي بورڊز ڀرپور شرڪت ڪئي جن ۾ لاهور، گجرانوالا، سرگوڌا، فيصل آباد، ساهيوال، راولپنڊي، بهاولپور، ملتان، پنجاب بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، بنون، مردان ۽ پشاور شامل هئا.

جنهن سان قومي سطح تي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ٿيو. مقابلن جي پڄاڻي تي لاهور بورڊ پهرين، گجرانوالا ٻي جڏهن ته پشاور ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر آءِ بي سي سي ڊاڪٽر غلام علي ملاح هو، جنهن سان گڏ اولمپين شهباز سينئر، پرويز سنديلا، خواجه جنيد، فيصل فريد، رضوان نذير، مسعود الرحمان سميت ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته آءِ بي سي سي نه رڳو تعليمي هم آهنگي جو قومي ادارو آهي پر شاگردن جي همٿ، واڌ ويجهه لاءِ هم نصابي سرگرمين کي هٿي ڏئي پنهنجي بنيادي ذميواري ادا ڪري ٿو.

هن ٻڌايو ته آءِ بي سي سي، انٽر بورڊ اسپورٽس ڪميٽي ذريعي هر سال 30 کان وڌيڪ قومي ۽ عالمي سطح جا اسپورٽس مقابلا منعقد ڪري ٿو جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هڪجيترو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي راند هاڪي کي هٿي وٺرائڻ آءِ بي سي سي جي ترجيحن ۾ مُک آهي، خاص ڪري پاڪستان هاڪي فيڊريشن ۾ ان جي شموليت کانپوءِ ان سلسلي ۾ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته تعليمي ادارن ۾ اسپورٽس ڪلچر کي هٿي ڏئي اسان شاگردن ۾ نظم ۽ ضبط، ٽيم ورڪ، قيادت ۽ جسماني ۽ ذهني صحت کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. ڊاڪٽر ملاح لاهور بورڊ طرفان شاندار انتظامن ۽ پيشيوراڻي انداز ۾ مقابلا منعقد ڪرائڻ کي ساراهيو.

هن آرگنائزنگ سيڪريٽري ڊاڪٽر بدر محي الدين جي خدمتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو جن جي محنت ۽ موثر قيادت ايونٽ کي ڪامياب بڻايو. تقريب جي پڄاڻي تي ان عزم کي ورجايو ويو ته آءِ بي سي سي سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ راندين ۽ ٻين هم نصابي سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ته جيئن هڪ صحتمند، متحرڪ ۽ باصلاحيت نوجوان نسل تيار ڪري سگهجي.

مزید خبریں