وزيراعظم شهباز شريف پاران خيبر ضلعي ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي ۾ 22 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم دهشتگردن جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ 10 سالن جي ٻار جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيد جي گهرڀاتين لاءِ …

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي ۾ 22 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم دهشتگردن جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ 10 سالن جي ٻار جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيد جي گهرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم دهشتگردن جي ان گٿي فعل جي مذمت ڪندي دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته بزدل دهشتگردن پاران پنهنجي بچاءُ لاءِ فائرنگ سان ٻار کي شهيد ڪرڻ انسانيت خلاف وڏو ڏوهه آهي. دهشتگردي خلاف جنگ جي پختي عزم ۾ مون سميت سموري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

مزید خبریں