اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبر ضلعي ۾ گڏيل انٽيليجنس آپريشن ۾ فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون فخر جوڳيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت دهشتگردن …
صدر مملڪت پاران خيبر ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبر ضلعي ۾ گڏيل انٽيليجنس آپريشن ۾ فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون فخر جوڳيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت دهشتگردن جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي 10 سالن جي معصوم ٻار جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي. هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان جي قيادت خطي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، دهشتگرد اسان جي انهن ڪوششن کي ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿا. صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته اسان دهشتگردي کي به شڪست ڏينداسين ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.











