اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڳالهين دوران ڌرين خطي جاري صورتحال، جنگ بندي ۽ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري سفارتي رابطن جي روشني ۾ اسلام آباد طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي جلد کان جلد اڳتي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ايران جي پرڏيهي وزير جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، خطي جي صورتحال، جنگ بندي ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڳالهين دوران ڌرين خطي جاري صورتحال، جنگ بندي ۽ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري سفارتي رابطن جي روشني ۾ اسلام آباد طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي جلد کان جلد اڳتي وڌائڻ لاءِ باقي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي تسلسل ۽ موثر رابطن جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن خطي ۾ جلد کان جلد امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏئي سگهجي. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مستقل ۽ تعميري سهولتڪاري جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











