گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران خيبر ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب گڏيل آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبر ضلعي ۾ 22 دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي قوم کي بهادر پٽن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فتنه الخوارج جي دهشتگردن …

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي خيبر ضلعي ۾ 22 دهشتگردن کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي قوم کي بهادر پٽن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. محسن نقوي چيو ته قوم کي فورسز جي دلير پٽن تي فخر آهي، انشاءُ الله قوم جي حمايت سان فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. گهرو وزير دهشتگردن جي فائرنگ سبب شهيد ٿي ويل 10 سالن جي ٻار جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

مزید خبریں