سينيٽ چيئرمين پاران گولڙه شريف آمد، پير سيد معين الحق گيلاني ۽ ٻين وارثن سان سندن امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گولڙه شريف جي پير سيد معين الحق گيلاني ۽ ٻين وارثن سان سندن امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين گولڙه شريف جي پير صاحب سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومه جي لاڏاڻي تي گهري  ڏُک جو اظهار ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني مرحومه لاءِ خاص …

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گولڙه شريف جي پير سيد معين الحق گيلاني ۽ ٻين وارثن سان سندن امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين گولڙه شريف جي پير صاحب سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومه جي لاڏاڻي تي گهري  ڏُک جو اظهار ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني مرحومه لاءِ خاص بخشش جي دُعا ڪندي الله تعاليٰ کان سندس درجن جي بلندي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام جي دُعا ڪئي. هن ڏکويل خاندان لاءِ صبر ۽ همت جي دُعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ کين ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ. سيينٽ چيئرمين چيو ته امڙ جو لاڏاڻو هڪ وڏو نقصان آهي جنهن جو خال ڀرجڻ ناممڪن آهي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي پنهنجي رحمت ۾ جڳهه عطا فرماءِ ۽ سندس مغفرت فرماءِ. سينيٽ چيئرمين چيو ته غم جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم ڏکويل خاندان سان گڏ آهي ۽ سندن ڏُک ۾ برابر جي شريڪ آهي.

مزید خبریں