چوڌري اختر ميو جي مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت تڪ پي پي 154 لاهور ۾ جاري ترقياتي عمل کي نئين رفتار ۽ رُخ فراهم ڪندي: سردار اياز صادق

لاهور-23 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ عوامي نمائندن ۽ مقامي قيادت جي وڌندڙ شموليت ان ڳالهه جو چِٽو ثبوت آهي ته عوام ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، سياسي استحڪام ۽ خلق جي خدمت جي ان بيانيي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن لاهور جي تڪ پي پي 154 مان پي ٽي آءِ …

لاهور-23 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ عوامي نمائندن ۽ مقامي قيادت جي وڌندڙ شموليت ان ڳالهه جو چِٽو ثبوت آهي ته عوام ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، سياسي استحڪام ۽ خلق جي خدمت جي ان بيانيي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن لاهور جي تڪ پي پي 154 مان پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين چوڌري اختر ميو جي مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جي موقعي تي رٿيل هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چوڌري اختر ميو کي دل جي گهرائين سان مبارڪون پيش ڪيون ۽ پارٽيءَ ۾ ڀليڪار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته (ن) ليگ ۾ عوامي نمائندن ۽ مقامي قيادت جي وڌندڙ شموليت ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته عوام ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، سياسي استحڪام ۽ خلق جي خدمت جي ان بيانيي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪري رهيو آهي جنهن جو بنياد نيڪ نيتي، اثرائتي ڪارڪردگي ۽ عوامي ڀلائيءَ تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته چوڌري اختر ميو جهڙو بااثر، متحرڪ ۽ عوامي رابطن ۾ مضبوط سياسي اڳواڻ جي شموليت نه صرف پارٽيءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي پر تڪ پي پي 154 لاهور ۾ جاري ترقياتي عمل کي پڻ نئين رفتار ۽ رُخ فراهم ڪندي. هن چيو ته جڏهن به (ن) ليگ کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ جو موقعو مليو، ان عوامي اعتماد تي پورو لهندي سڄي ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا. هن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته پنجاب ۾ ترقيءَ جو  سفر تيزيءَ سان جاري آهي ۽ صوبو ڏينهن رات ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي. ان موقعي تي چوڌري اختر ميو پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ باقاعده شموليت جو اعلان ڪندي پنهنجي خطاب ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻيءَ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته (ن) ليگ ۾ شموليت جو سندس فيصلو ملڪ کي درپيش چئلينجز مان ڪڍڻ، ترقيءَ جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۽ عوامي خدمت جي عملي ويزن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار آهي.

مزید خبریں