لاهور-23 اپريل (اي پي پي) لاهور ۾ جاري پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنيس ڪيمپ پڄاڻي تي پهتي، جنهن جو مقصد رانديگرياڻين ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ هو. ٽيم جي مينٽور وهاب رياض چيو ته ڪيمپ ۾ خاص طور تي انهن ڪمزورين تي ڪم ڪيو ويو جيڪي ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز دوران سامهون آيون. سندس موجب فٽنيس ۽ بالنگ ۾ ڪجهه مسئلا هئا جن کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو …
پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنيس ڪيمپ پڄاڻي تي پهتي
لاهور-23 اپريل (اي پي پي) لاهور ۾ جاري پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنيس ڪيمپ پڄاڻي تي پهتي، جنهن جو مقصد رانديگرياڻين ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ هو. ٽيم جي مينٽور وهاب رياض چيو ته ڪيمپ ۾ خاص طور تي انهن ڪمزورين تي ڪم ڪيو ويو جيڪي ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز دوران سامهون آيون. سندس موجب فٽنيس ۽ بالنگ ۾ ڪجهه مسئلا هئا جن کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو، رانديگرياڻين جو ريسپانس حوصلو ڏيندڙ رهيو. هن چيو ته ٽيم هاڻي زمبابوي خلاف ون ڊي ۽ ٽي _ 20 سيريز جي تياري ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پڄاڻي تي پهتل ڪيمپ ايندڙ سيريز ۽ ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندي.












