لنڊن- 22 اپريل (اي پي پي) انگلش پريمئير ليگ ۾ برائٽن اينڊ هووالبيون جي ٽيم پنهنجي شاندار راند سبب چيلسي کي آساني سان 0-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اها برائٽن اينڊ هووالبيون جي اي پي ايل ۾ 13 هين فتح ۽ پوائنٽس ٽيبل تي سندن ڇهين پوزيشن آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، انگلش پريمئير فٽبال ليگ جي 34 هين سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فٽبال جي مداحن کي تمام دلچسپ ۽ …
انگلش پريمئير ليگ ۾ برائٽن اينڊ هووالبيون جي 13هين ڪاميابي
لنڊن- 22 اپريل (اي پي پي) انگلش پريمئير ليگ ۾ برائٽن اينڊ هووالبيون جي ٽيم پنهنجي شاندار راند سبب چيلسي کي آساني سان 0-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اها برائٽن اينڊ هووالبيون جي اي پي ايل ۾ 13 هين فتح ۽ پوائنٽس ٽيبل تي سندن ڇهين پوزيشن آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، انگلش پريمئير فٽبال ليگ جي 34 هين سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فٽبال جي مداحن کي تمام دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.آمريڪن ايڪسپريس اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾، برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ چيلسي جون ٽيمون هڪ ٻئي جي سامهون ٿيون، جنهن ۾ برائٽن اينڊ هووالبيون ٽيم تمام شاندار راند پيش ڪندي مخالف ٽيم چيلسي کي آساني سان 0-3 جي گولن تان شڪست ڏني. ميچ ۾ چيلسي جي ٽيم هڪ به گول نه ڪري سگهي. اها برائٽن اينڊ هووالبيون جي اي پي ايل ۾ 13 هين فتح آهي ۽ اها 50 پوائنٽن سان ٽيبل تي ڇهين نمبر تي آهي.












