لاهور-18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ايندڙ مهيني رٿيل ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز لاءِ 16 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي قيادت لڳاتار شان مسعود ڪندو. اها سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 27-2025ع جو حصو آهي، جنهن جي پهرين ميچ 8 کان 12 مئي تائين ڍاڪا جي شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جڏهن ته ٻئين ٽيسٽ 16 کان 20 …
پي سي بي پاران بنگلاديش خلاف ٽيسٽ ميچز جي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان
لاهور-18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ايندڙ مهيني رٿيل ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز لاءِ 16 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي قيادت لڳاتار شان مسعود ڪندو. اها سيريز آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 27-2025ع جو حصو آهي، جنهن جي پهرين ميچ 8 کان 12 مئي تائين ڍاڪا جي شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جڏهن ته ٻئين ٽيسٽ 16 کان 20 مئي تائين سلهٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. اسڪواڊ ۾ چئن نون رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي جيڪي پهريون ڀيرو ٽيسٽ ٽيم جو حصو بڻيا آهن. قومي ڪرڪيٽ ٽيم 2 مئي تي بنگلاديش روانو ٿيندي. اعلانيل اسڪواڊ ۾ شان مسعود (ڪپتان)، عبدالله فضل، عماد بٽ، اذان اويس، بابر اعظم، حسن علي، امام الحق، خرم شهزاد، محمد عباس، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد غازي غوري (وڪيٽ ڪيپر)، نعمان علي، ساجد خان، سلمان علي آغا، سعود شڪيل ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن. ٽيم کان توقع ڪئي پئي وڃي ته هو بنگلاديش خلاف سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.












