واشنگٽن _16 اپريل (اي پي پي)فٽ بال جي عالمي تنظيم (فيفا) جي صدر جياني انفانٽينو تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا سان جاري تازي ڇڪتاڻ باوجود ايران يقيني طور تي ايندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيفا جي صدر جياني انفانٽينو هڪ تقريب دوران اهو بيان ڏنو جتي هن واضع ڪيو ته راند کي سياست کان الڳ رکڻ گهرجي، ايران مارچ 2025ع ۾ ايشيا جي بهترين ٽيمن ۾ …
ايران يقيني طور تي فٽبال ڪپ 2026ع ۾ شرڪت ڪندو: فيفا جو صدر
واشنگٽن _16 اپريل (اي پي پي)فٽ بال جي عالمي تنظيم (فيفا) جي صدر جياني انفانٽينو تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا سان جاري تازي ڇڪتاڻ باوجود ايران يقيني طور تي ايندڙ فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيفا جي صدر جياني انفانٽينو هڪ تقريب دوران اهو بيان ڏنو جتي هن واضع ڪيو ته راند کي سياست کان الڳ رکڻ گهرجي، ايران مارچ 2025ع ۾ ايشيا جي بهترين ٽيمن ۾ شامل ٿي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو پر آمريڪا سان جاري ڇڪتاڻ سبب ايران جي شرڪت تي سوال اٿاريا پيا وڃن. ميگا ايونٽ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جي گڏيل ميزباني ۾ منعقد ٿيندو ۽ ايران جون سموريون گروپ ميچون آمريڪا ۾ شيڊيولڊ آهن . شروعات ۾ ايران جي اختيارين خدشو ظاهر ڪيو هو ته ٽيم آمريڪا جو سفر نه ڪري سگهندي ۽ ميچون ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ منتقل ڪيون وينديون پر فيفا اها درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. جياني انفانٽينو چيو هو ته ايران جي ٽيم ضرور اچڻ گهرجي ڇو ته هن ڪواليفائي ڪيو آهي ۽ رانديگرن کي کيڏڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اميد آهي ته ٽورنامينٽ تائين حالتون بهتر ٿي وينديون ڇو ته امن جو ماحول راندين لاءِ بهتر آهي. ايران جي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ جون مهيني ۾ آمريڪا ۾ متوقع آهي جڏهن ته ان جون گروپ ميچون 15، 21 ۽ 26 جون تي ترتيبوار نيوزيلينڊ، بيلجئيم ۽ مصر خلاف شيڊيولڊ آهن . ٻئي پاسي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف موقعن تي ايران جي شرڪت ۽ راندين جي سيڪيورٽي بابت تڪراري بيان ڏنا آهن.












