بارسلونا-16 اپريل(اي پي پي) اسپين جو مشهور ٽينس رانديگر ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ ڪارلوس الڪاراز زخمي ٿيڻ سبب بارسلونا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. ٽورنامينٽ جي انتظاميه موجب ڪارلوس الڪاراز کي اها انجري پهرين رائونڊ ۾ فن لينڊ جي رانديگر خلاف 6-4 ۽6-2 تان ڪاميابي دوران ٿي هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب 22 سالن جي ٽاپ سيڊ رانديگر ڪارلوس الڪاراز کي ٻئين رائونڊ ۾ جمهوريه چيڪ جي …
ڪارلوس الڪاراز زخمي ٿيڻ سبب بارسلونا اوپن ٽينس مان ٻاهر
بارسلونا-16 اپريل(اي پي پي) اسپين جو مشهور ٽينس رانديگر ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ ڪارلوس الڪاراز زخمي ٿيڻ سبب بارسلونا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. ٽورنامينٽ جي انتظاميه موجب ڪارلوس الڪاراز کي اها انجري پهرين رائونڊ ۾ فن لينڊ جي رانديگر خلاف 6-4 ۽6-2 تان ڪاميابي دوران ٿي هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب 22 سالن جي ٽاپ سيڊ رانديگر ڪارلوس الڪاراز کي ٻئين رائونڊ ۾ جمهوريه چيڪ جي ٽامس ميخاچ سان مقابلو رٿيل هيو. ڪارلوس الڪاراز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته طبي معائني کانپوءِ خبر پئي ته زخم وڌيڪ آهي. مستقبل ۾ مسئلن کان بچڻ لاءِ احتياط ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيڻ اسان ناهي خاص طور تي هن ايونٽ مان جلد صحتيابي لاءِ پنهنجي ڪوچنگ اسٽاف ۽ طبي ماهرن کان علاج شروع ڪرائندس. ٻه ڀيرا بارسلونا چيمپئين ڪارلوس الڪاراز مونٽي ڪارلو ماسٽرز جي فائنل ۾ اٽلي جي جينڪ سز هٿان شڪست جي 48 ڪلاڪن کانپوءِ ان ايونٽ ۾ شرڪت ڪئي هئي. ان شڪست کانپوءِ هو عالمي درجه بندي ۾ ٻئين نمبر تي هليو ويو.












