اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ 11 ۾ خميس تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهريون ميچ حيدرآباد ڪنگز مين ۽ راولپنڊيز جڏهن ته ٻيو ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي جي انتطام هيٺ پي ايس ايل 11 جي ايڊيشن جي دلچسپي مقابلن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. …
پاڪستان سپر ليگ 11 ۾ خميس ڏينهن وڌيڪ 2 ميچ کيڏيا ويندا
اسلام آباد-15 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ 11 ۾ خميس تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهريون ميچ حيدرآباد ڪنگز مين ۽ راولپنڊيز جڏهن ته ٻيو ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي جي انتطام هيٺ پي ايس ايل 11 جي ايڊيشن جي دلچسپي مقابلن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. خميس تي ليگ جي شيڊول موجب پهرين ميچ ۾ حيدرآباد ڪنگز مين ۽ راولپنڊيز جون ٽيمون نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. اهو ميچ ڏينهن جو 2:30 وڳي شروع ٿيندو. حيدرآباد ڪنگز مين جي قيادت بيٽسمين مارنس لبوشين جڏهن ته راولپنڊيز جي قيادت وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان ڪري رهيو آهي. اهڙيءَ طرح خميس تي ٻيو ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ ان ئي هنڌ کيڏيو ويندو. ڪراچي ڪنگز جي قيادت آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ جي قيادت آل رائونڊر شاداب خان ڪندو. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ 11 جو فائنل 3 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.












