اسپينش لاليگا ۾ ويلريال ايٿليٽڪ ڪلب کي سخت مقابلي بعد 2-1 تان هارائي ڇڏيو

ميڊرڊ- 14 اپريل (اي پي پي) ويلريال هسپانوي فٽبال ليگ لاليگا جي پنهنجي 31 هين ميچ ۾ ايٿليٽڪ ڪلب کي هارائي ڪري ليگ ۾ 19 هين فتح حاصل ڪري ورتي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ويلريال جي ٽيم سخت مقابلي بعد ايٿليٽڪ ڪلب جي ٽيم کي 2-1 گول تان هارائي ڇڏيو. ويريال طرفان سرگي ڪارڊونا ۽ الفونسوگونزاليز هڪ ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها …

ميڊرڊ- 14 اپريل (اي پي پي) ويلريال هسپانوي فٽبال ليگ لاليگا جي پنهنجي 31 هين ميچ ۾ ايٿليٽڪ ڪلب کي هارائي ڪري ليگ ۾ 19 هين فتح حاصل ڪري ورتي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ويلريال جي ٽيم سخت مقابلي بعد ايٿليٽڪ ڪلب جي ٽيم کي 2-1 گول تان هارائي ڇڏيو. ويريال طرفان سرگي ڪارڊونا ۽ الفونسوگونزاليز هڪ ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها بارسلونا جي ليگ ۾ 19 هين فتح آهي ۽ ان جي ڪاميابي بعد فاتح ٽيم 3 پوائنٽس حاصل ڪرڻ سان گڏ ٽيبل تي دفاعي چيمپئن بارسلونا ۽ ريال ميڊرڊ بعد ٽين پوزيشن آهي. اسپينش ليگ لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فٽبال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.

مزید خبریں