لاهور-05 اپريل (اي پي پي) قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پي سي بي جي بورڊ آف گورنرز جو 82 هون اجلاس چيئرمين محسن نقوي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اهم انتظامي ۽ مالياتي معاملن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران مالي سال 25-2024ع جي سالياني آڊٽ ٿيل مالياتي اسٽيٽمينٽس جي باضابطه منظوري ڏني وئي، جڏهن ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي گلوبل اينٽي ڪرپشن ڪوڊ مطابق پروسيجرل رولز کي پڻ منظور …
پي سي بي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس، اهم انتظامي ۽ مالياتي معاملن جي منظوري
لاهور-05 اپريل (اي پي پي) قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پي سي بي جي بورڊ آف گورنرز جو 82 هون اجلاس چيئرمين محسن نقوي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اهم انتظامي ۽ مالياتي معاملن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران مالي سال 25-2024ع جي سالياني آڊٽ ٿيل مالياتي اسٽيٽمينٽس جي باضابطه منظوري ڏني وئي، جڏهن ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي گلوبل اينٽي ڪرپشن ڪوڊ مطابق پروسيجرل رولز کي پڻ منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن سان جده ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ترقي لاءِ تعاون لاءِ دلچسپي جي اظهار جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته جاگرافيائي حدن کي نظر ۾ رکندي لاهور جي ڪرڪيٽ زونس جي ٻيهر حد بندي ۽ انهن جي نالن تي نظرثاني جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ عبدالله خرم نيازي کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيت جي ترقي ۾ نمايان خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. پي سي بي چيئرمين چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ عبدالله خرم نيازي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي آهي. اجلاس ۾ پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن جي لاءِ ٽيمن جي رڪارڊ نيلامي تي پڻ اطمينان ۽ شڪر جو اظهار ڪيو ويو. محسن نقوي چيو ته پي ايس ايل سيڙپڪاري لاءِ بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن اها دنيا جي نمبر ون ڪرڪيٽ ليگ بڻجي ويندي. اجلاس ۾ بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن انوار احمد غني، طارق سرور سميت ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ظهير عباس ۽ سيڪريٽري ڪيبينيٽ آن لائن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) ۽ پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر (سي او او)سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار به اجلاس ۾ موجود هئا.












