اسلام آباد – 02 - اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ قونصلر سطح جي مشاورت جو ڏهون دور 31 مارچ تي بيجنگ ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت ڊائريڪٽر جنرل (چين) طارق وزير ڪئي جڏهن ته چيني وفد جي قيادت قونصلر معاملن واري اداري جي ڊائريڪٽر جنرل لانگ زائو ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ٻطرفي قونصلر معاملن جي …
پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ قونصلر سطح جي مشاورت جو ڏهون دور 31 مارچ تي بيجنگ ۾ ٿيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ قونصلر سطح جي مشاورت جو ڏهون دور 31 مارچ تي بيجنگ ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت ڊائريڪٽر جنرل (چين) طارق وزير ڪئي جڏهن ته چيني وفد جي قيادت قونصلر معاملن واري اداري جي ڊائريڪٽر جنرل لانگ زائو ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ٻطرفي قونصلر معاملن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي رابطن ۾ مسلسل اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ڌرين قونصلر تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ هڪ ٻئي جي شهرين جي لاءِ سهولتن ۾ اضافو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. قونصلر مشاورت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هڪ باقاعده اداراجاتي طريقيڪار آهي جنهن تحت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قونصلر معاملن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو وڃي ٿو جن ۾ ويزا ۽ اميگريشن بابت مسئلا ۽ ٻنهي ملڪن جي شهرين جو تحفظ ۽ ڀلائي شامل آهي.











