نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ازبڪستان جي پرڏيهي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد – 02 - اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير سعيدوف خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهيو ۽ اسلام آباد ۾ تازي چئن …

اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير سعيدوف خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهيو ۽ اسلام آباد ۾ تازي چئن پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان جي قيادت جي واکاڻ ڪئي. هن نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان – چين پنج نقاطي قدمن جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں