اسلام آباد – 2 اپريل (اي پي پي ) پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي . عارف حبيب ريسرچ ۽ انڊسٽري جي انگ اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ملڪ ۾ 12.40 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو رڪارڊ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جو 11.75 ملين ٽن جي …
پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ 9 مهينن دوران 5 سيڪڙو اضافو

مزید خبریں
اسلام آباد – 2 اپريل (اي پي پي ) پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي . عارف حبيب ريسرچ ۽ انڊسٽري جي انگ اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ملڪ ۾ 12.40 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو رڪارڊ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جو 11.75 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مارچ ۾ ملڪ ۾ 1.44 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو رڪارڊ ڪيو يو جيڪو فيبروري جي 1.28 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو ۽ گذريل سال مارچ جي 1.22 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 19سيڪڙو وڌيڪ آهي ، انگ اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ملڪ ۾ 5.80 ملين ٽن پيٽرول جو وڪرو رڪارڊ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جو 5.51 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي ، مارچ ۾ ملڪ ۾ 0.67 ملين ٽن پيٽرول جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪوگذريل فيبروري جي 0.62 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو ۽ گذريل سال مارچ جي 0.58 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهي . انگ اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ملڪ ۾ 5.35 ملين ٽن هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو وڪرو ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 4.98 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي . مارچ ۾ ملڪ ۾ 0.59 ملين ٽن هاءِ اسپيڊ ڊيزل وڪرو ٿيو جيڪو فيبروري جو 0.52 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 13 سيڪڙو ۽ گذريل سال مارچ جي 0.49 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو وڌيڪ آهي . مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ملڪ ۾ 0.39 ملين ٽن فرنيس آئل جو وڪرو ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جو 0.51 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 23 سيڪڙو گهٽ آهي، مارچ ۾ ملڪ ۾ 0.09 ملين ٽن فرنيس آئل جو وڪرو ٿيو جيڪو گذريل فيبروري جو 0.04 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 98 سيڪڙو وڌيڪ آهي جڏهن ته گذريل سال مارچ جو 0.05 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 62 سيڪڙو وڌيڪ آهي . انگ اکرن جي مالي سال جي پهرين 9مهينن ۾ پاڪستان آئل جي پيٽوليم مصنوعات جي وڪري جو ڳاڻيٽو 5.24 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي جو 5.26 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 0.38 سيڪڙو گهٽ آهي . اهڙي خرح مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ اٽڪ پيٽروليم جو 1.01 ملين ٽن ، وافي هڪ ملين ٽن ، ۽ حيسڪول جي پيٽروليم مصنوعات جي وڪري جو ڳاڻيٽو 0.39 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











