اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ضروري دوائن جي قيمتن ۾ اضافي بابت گردش هيٺ خبرن کي سختي سان رد ڪندي انهن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪن قرار ڏنو آهي. ڊريپ اختيارين مطابق ملڪ ۾ ضروري دوائن سميت انسولين ۽ ٻين جان بچائڻ وارين دوائن جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جو تازو اضافو ناهي ڪيو ويو. هن واضح ڪيو ته …
ضروري دوائن جي قيمتن ۾ اضافي بابت خبرون بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن: ڊريپ

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ضروري دوائن جي قيمتن ۾ اضافي بابت گردش هيٺ خبرن کي سختي سان رد ڪندي انهن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪن قرار ڏنو آهي. ڊريپ اختيارين مطابق ملڪ ۾ ضروري دوائن سميت انسولين ۽ ٻين جان بچائڻ وارين دوائن جي قيمتن ۾ ڪنهن به قسم جو تازو اضافو ناهي ڪيو ويو. هن واضح ڪيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران به ضروري دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪا نئين منظوري ناهي ڏني وئي. ڊريپ جو چوڻ آهي ته ضروري دوائن جي لسٽ ۾ شامل دوائن جي قيمتن ۾ فارماسيوٽيڪل ڪمپنيون پاڻ مرادو اضافو نه ٿيون ڪري سگهن، ڇو جو ان حوالي سان هڪ سخت ۽ اثرائتو ريگيوليٽري نظام لاڳو آهي، جنهن تحت قيمتون مقرر ڪيون وينديون آهن ۽ نگراني ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مسلسل نگراني ڪري رهي آهي، جڏهن ته دوائن جي بنا رڪاوٽ فراهمي لاءِ به سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. اٿارٽي ميڊيا هائوسز تي زور ڀريو آهي ته دوائن جي قيمتن يا دستيابي بابت ڪا به خبر شايع يا نشر ڪرڻ کان اڳ ڊريپ کان تصديق ضرور ڪئي وڃي، ته جيئن عوام ۾ غير ضروري ڳڻتي ۽ بي چيني کان بچي سگهجي. ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته عوام کي محفوظ، موثر ۽ معياري دوائن جي بنا رڪاوٽ فراهمي هر صورت يقيني بڻائي ويندي ۽ ان مقصد لاءِ سمورا عملي قدم جاري رکيا ويندا.











