اسلام آباد – 02 - اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب مصري پرڏيهي وزير عبدالعاطي اسلام آباد ۾ تازي چئن ڏينهن واري پرڏيهي وزيرن واري اجلاس دوران شاندار مهمان نوازي تي نائب وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان ۽ چين جي پنج …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب مصري پرڏيهي وزير عبدالعاطي اسلام آباد ۾ تازي چئن ڏينهن واري پرڏيهي وزيرن واري اجلاس دوران شاندار مهمان نوازي تي نائب وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان ۽ چين جي پنج نقاطي قدمن کي پڻ ساراهيو جنهن جو مقصد ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ ۽ تڪرار جي حل جي راهه هموار ڪرڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.











