وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاران وزيرستان بلاڪ ۾ اسپن وام-1 مان گيس جي پيداوار جي شروعات جو افتتاح

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ وزيرستان بلاڪ ۾ اسپن وام-1 مان گيس جي پيداوار جي شروعات جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جتان ڏهاڙي 40 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ۽ 220 بيرل ڪنڊينسيٽ جي واڌ ٿيندي. ڪالهه پيٽروليم ڊويزن مان جاري بيان موجب وزيرستان جوائنٽ وينچر (ڊبليو جي وي) جنهن کي ماري انرجيز لميٽيڊ آپريٽ ڪري رهي آهي، وزيرستان بلاڪ ۾ اسپن-1 …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ وزيرستان بلاڪ ۾ اسپن وام-1 مان گيس جي پيداوار جي شروعات جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جتان ڏهاڙي 40 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ۽ 220 بيرل ڪنڊينسيٽ جي واڌ ٿيندي. ڪالهه پيٽروليم ڊويزن مان جاري بيان موجب وزيرستان جوائنٽ وينچر (ڊبليو جي وي) جنهن کي ماري انرجيز لميٽيڊ آپريٽ ڪري رهي آهي، وزيرستان بلاڪ ۾ اسپن-1 نالي ايڪسپلورٽري کوهه مان پيداوار جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيرستان جوائنٽ وينچر ۾ ماري انرجيز لميٽيڊ (آپريٽر، 55 سيڪڙو)، او جي ڊي سي ايل (35 سيڪڙو) ۽ اورينٽ پيٽروليم جو (10 سيڪڙو) شامل آهي. افتتاحي تقريب ماري انرجيز جي هيڊ آفيس ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزير علي پرويز ملڪ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. هن جوائنٽ وينچر جي فني مهارت ۽ آپريشنل ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته اسپن وام-1 جهڙي دريافت پاڪستان جي توانائي سلامتيءَ کي مضبوط بڻائي ٿي، روانگي واپار تي ڀاڙڻ گهٽ ڪري ٿي ۽ جٽادار معاشي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي علي پرويز ملڪ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن (LEAs)، ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن (اِي اينڊ پي) ڪمپنين ۽ ايس اين جي پي ايل ٽيمن جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته سندن قربانين عيوض اسان اڄ اها ڪاميابي ملهائي رهيا آهيون. هن اي اينڊ پي ڪمپنين جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته وزير جي حيثيت سان کيس فخر آهي ته مقامي ڪمپنين آبناءِ هرمز جي بندش سان پيدا ٿيندڙ خلا کي ڀرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عسڪري قيادت جي معاونت سان پاڪستان خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سپلاءِ ۾ خلل کي بهتر انداز ۾ سنڀاليو. اي اينڊ پي ڪمپنين جي سهڪار سان ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وئي ۽ ان جون قيمتون به خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهيون. ماري انرجيز جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سي اي او فهيم حيدر چيو ته اسپن وام-1 جوائنٽ وينچر جي مقامي هائيڊرو ڪاربن وسيلن جي ترقي، وڌندڙ توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ گيس جي فراهمي کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. اسپن وام-1 وزيرستان جوائنٽ وينچر لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو گيس ۽ ڪنڊينسيٽ جا نمايان ذخيرا فراهم ڪري ٿو. شيوا-1 دريافت کان پوءِ هن بلاڪ ۾ ٻيو ڪامياب ايڪسپلوريٽري کوهه آهي جنهن مان ابتدائي طور تي ڏهاڙي 40 ايم ايم سي ايف گيس ۽ 200 بيرل ڪنڊينسيٽ حاصل ٿي رهيو آهي. ان سان گڏ وزيرستان بلاڪ مان مجموعي گيس جي فراهمي تقريبن 100 ايم ايم سي ايف ڊي جڏهن ته ڪنڊينسيٽ جي پيداوار تقريبن 800 بيرل ڏهاڙي تائين پهچي وئي آهي. شرڪت ڪندڙن ان موقعي تي شهيدن ۽ زخمي اهلڪارن جن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ملازمن، ڪنٽريڪٽرز ۽ـ ايس اين جي پي ايل جو عملو شامل آهي جي قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ سندن جرائت، ثابت قدمي ۽ خدمتن کي ساراهيو.

مزید خبریں