قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نَون چونڊيل عهديدارن کي واڌايون

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل عهديدارن کي واڌايون پيش ڪيون آهن. ڪالهه پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن سينيٽر سرمد علي کي صدر، ناز آفرين سهگل لاکاڻي کي سينيئر نائب صدر، شهاب زبيري کي نائب صدر، محمد اطهر قاضي کي سيڪريٽري جنرل، محسن بلال کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نويد ڪاشف کي فنانس …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل عهديدارن کي واڌايون پيش ڪيون آهن. ڪالهه پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن سينيٽر سرمد علي کي صدر، ناز آفرين سهگل لاکاڻي کي سينيئر نائب صدر، شهاب زبيري کي نائب صدر، محمد اطهر قاضي کي سيڪريٽري جنرل، محسن بلال کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نويد ڪاشف کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ساڻن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته آزاد ۽ ذميدار صحافت جمهوري معاشري جو بنيادي جُز آهي، نئين چونڊيل قيادت اخباري صنعت کي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ميڊيا ملڪي ترقي، جمهوري استحڪام ۽ عوامي آگاهي ۾ اهم ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته پارليامينٽ ميڊيا خاص ڪري اخباري صنعت جي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽيءَ جي نئين چونڊيل قيادت جي ڪاميابيءَ لاءِ دُعا ڪئي.

مزید خبریں