پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ذميداراڻي قيادت لاءِ اصولي مؤقف اختيار ڪيو: وفاقي وزير طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ذميداراڻي قيادت لاءِ اصولي مؤقف اختيار ڪيو ۽ موجوده صورتحال ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ سبب تاريخ ۾ ان جو نالو سونهري اکرن سان لکيو ويندو. ڪالهه ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته تڪرار جي شدت جي دؤر ۾ پاڪستان تماشائي نه پر خطي …

اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ذميداراڻي قيادت لاءِ اصولي مؤقف اختيار ڪيو ۽ موجوده صورتحال ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ سبب تاريخ ۾ ان جو نالو سونهري اکرن سان لکيو ويندو. ڪالهه ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته تڪرار جي شدت جي دؤر ۾ پاڪستان تماشائي نه پر خطي ۾ توازن لاءِ سفارتي طاقت بڻجي اُڀريو آهي، وزيراعظم محمد شهباز جي بصيرت تي ٻَڌل قيادت ۾ اسان جو ملڪ هن وقت تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ نائب وزيراعظم توڙي فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير جون اڻٿڪ محنتون ۽ سفارتي ڪوششون به تعريف جوڳيون آهن، اهي ٽئي شخصيتون پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ سان گڏوگڏ خطي ۾ ڳالهين ذريعي ڇڪتاڻ جي شدت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستاني قوم حڪمت سان فيصلا ڪرڻ ۽ ذميدارڻي قيادت تي يقين رکي ٿي.

مزید خبریں