اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ شروع ڪيل گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت ڪلراٺي زمين کي پوکيءَ لائق بڻائڻ جون ڪوششون تيزيءَ سان ڪاميابيءَ طرف گامزن آهن. ان قومي منصوبي ذريعي نه صرف زرعي پيداوار ۾ واڌ جي اميد آهي پر ٻهراڙي معيشت کي به نئين زندگي ملي رهي آهي. ايس آءِ ايف سي عملدارن موجب چولستان جي وسيع ريگستان ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي …
پاڪستان ۾ زرعي ترقيءَ جو نئون باب، گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت ڪلراٺي زمين آباد ٿيڻ لڳي

مزید خبریں
اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ شروع ڪيل گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت ڪلراٺي زمين کي پوکيءَ لائق بڻائڻ جون ڪوششون تيزيءَ سان ڪاميابيءَ طرف گامزن آهن. ان قومي منصوبي ذريعي نه صرف زرعي پيداوار ۾ واڌ جي اميد آهي پر ٻهراڙي معيشت کي به نئين زندگي ملي رهي آهي. ايس آءِ ايف سي عملدارن موجب چولستان جي وسيع ريگستان ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ اثرائتي حڪمت عملي ذريعي ڪلراٺي زمين کي زرخيز بنائڻ ۾ پينٽيرا فارمز هڪ نمايان مثال طور سامهون آيو آهي. پراجيڪٽ مئنيجر ڊاڪٽر عطاءُ الله موجب پينٽيرا فارمز جي قدمن سان مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيا آهن جنهن سان نه صرف علائقي جي معيشت مضبوط ٿي پر ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار به بهتر ٿيو آهي. مقامي آبادگارن جو چوڻ آهي ته پينٽيرا ڪمپني جي اچڻ سان ان غيرآباد علائقي ۾ ساوڪ آئي آهي، بنيادي سهولتن ۾ بهتري آئي آهي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن. پينٽيرا فارمز جي سي اي او فرقان علي جو چوڻ آهي ته فارم ۾ جديد ۽ اسمارٽ زرعي نظام متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ سينٽرل پيوٽ سسٽم، ڊرپ ايريگيشن ۽ ڊرون ذريعي فصلن تي دوائن جو اسپري شامل آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چولستان ۾ پاڻيءَ جي اثرائتي استعمال کي يقيني بنائڻ لاءِ 7 کان 8 ڪلوميٽر ڊگهو اندروني نهري نظام به قائم ڪيو ويو آهي. ماهرن موجب ڪلراٺي زمينن جي بحالي، جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ سان ملڪ زرعي پاڻڀرو ٿيڻ ۾ گرين پاڪستان انيشيئٽو جو ڪردار حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. هي منصوبو نه صرف زراعت پر ملڪي معيشت جي استحڪام طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿي رهيو آهي.











