راولپنڊي-01 اپريل (اي پي پي) خيبرپختونخواهه (ڪي پي ڪي) ۾ سيڪيورٽي فورسز هٿان 2 مختلف هنڌن تي ٿيل چڪرين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 13 خوارجي مارجي ويا آهن. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق 30 مارچ تي خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز خيبر ضلعي جي علائقي باڙه ۾ هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي …
ڪي پي ڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز هٿان 2 مختلف هنڌن تي ٿيل چڪرين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 13 خوارجي مارجي ويا آهن: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-01 اپريل (اي پي پي) خيبرپختونخواهه (ڪي پي ڪي) ۾ سيڪيورٽي فورسز هٿان 2 مختلف هنڌن تي ٿيل چڪرين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 13 خوارجي مارجي ويا آهن. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق 30 مارچ تي خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز خيبر ضلعي جي علائقي باڙه ۾ هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 خوارجي مارجي ويا. اهڙيءَ ريت هڪ ٻيو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن بنون ضلعي ۾ ڪيو ويو. ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 03 خوارجي مارجي ويا. ان کان علاوه علائقي ۾ موجود ڪنهن به وڌيڪ ڀارتي حمايت يافته خارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. وفاقي اپيڪش ڪميٽي جي منظور ٿيل نيشنل ايڪشن پلان عزم استحڪام جي ويزن تحت پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان جاري دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.











