وزيراعظم پاران گهٽ آمدني وارن طبقن کي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ ريليف پهچائڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف سخت قدمن جي هدايت

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهٽ آمدني وارن طبقن کي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ ريليف پهچائڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن کي صوبن سان مشاورت کانپوءِ حتمي تجويزون پيش ڪرڻ ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف سخت قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي جي صورتحال جي ڏس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي سپلاءِ چين، …

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهٽ آمدني وارن طبقن کي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ ريليف پهچائڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن کي صوبن سان مشاورت کانپوءِ حتمي تجويزون پيش ڪرڻ ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف سخت قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي جي صورتحال جي ڏس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي سپلاءِ چين، بچت ۽ ڪفايت شعاري جي لاءِ جاري قدمن جي لاڳو جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن کي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ ريليف پهچائڻ جي حوالي سان قدمن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي صوبن سان مشاورت کانپوءِ حتمي تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۽ غيرقانوني ذخيره اندوزي جي خلاف سخت قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽن هفتن ۾ وفاقي حڪومت گهٽ آمدني واري طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اهم قدم کنيا ۽ اڳتي به غريب طبقي جي ريليف جي لاءِ قدم جاري رهندا. هن چيو ته تيل جي قيمتن کي وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي، ڪفايت شعاري ۽ بچت جي مختلف قدمن جي ذريعي عام ماڻهو کي 129 ارب رپين جو ريليف ڏنو، وفاقي حڪومت جي وقت سر فيصلن جي ڪري پيٽروليم مصنوعات جي ملڪي ضرورتن جي لاءِ مناسب مقدار موجود آهي. هن چيو ته عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اجلاس کي ڪفايت شعاري ۽ بچت جي قدمن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيٽروليم مصنوعات جي طلب ۽ پهچ ۽ پوري سپلاءِ چين جي باقاعدگي سان ڊيجيٽل ڊيش بورڊ جي ذريعي نگراني ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں