جميڪا - 31 مارچ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز جو ٽيون ون ڊي ميچ 2 اپريل تي سينٽ ڪٽس، وارنرپارڪ ۾ کيڏيو ويندو. مھمان آسٽريلوي ٽيم کي ميزبان ويسٽ انڊيز ويمن خلاف سيزيز ۾ 0-2 جي برتري حاصل آھي. آسٽريلوي ويمن ٽيم پھرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ويمن کي 103 رنسن تان جڏھن ته ٻئين ون ڊي ميچ ۾ 90 رنسن تان شڪست …
ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا ويمن ٽيمن وچ ۾ ٽيون ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 2 اپريل تي کيڏيو ويندو
جميڪا – 31 مارچ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز جو ٽيون ون ڊي ميچ 2 اپريل تي سينٽ ڪٽس، وارنرپارڪ ۾ کيڏيو ويندو. مھمان آسٽريلوي ٽيم کي ميزبان ويسٽ انڊيز ويمن خلاف سيزيز ۾ 0-2 جي برتري حاصل آھي. آسٽريلوي ويمن ٽيم پھرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ويمن کي 103 رنسن تان جڏھن ته ٻئين ون ڊي ميچ ۾ 90 رنسن تان شڪست ڏني ھئي. ان کان اڳ ٻنھي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن، ٽي _ 20 ميچن جي سيريز ۾ به آسٽريلوي ويمن ٽيم ميزبان ويسٽ انڊيز ويمن ٽيم کي ڪلين سوئيپ شڪست ڏني ھئي. آسٽريلوي ويمن ٽيم جي قيادت سوفي مولينڪس ڪري رھي آھي، جڏھن ته ويسٽ انڊيز ٽيم جي قيادت ھيلي ميٿيوز ڪري رھي آھي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ سيريز جو ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ 2 اپريل تي باسيٽري، سينٽ ڪٽس، وارنر پارڪ ۾ کيڏيو ويندو.












