اسلام آباد - 30 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي آهي ته تيل ۽ گئس جي فراهمي تي دٻاءُ، توانائي جي وڌندڙ لاڳت ۽ بدلجندڙ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ عوام، خاص طور تي عام ماڻهو تي ضرورت جي شين ۽ خدمتن جي حوالي سان وڌندڙ قيمتن جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ هڪ توسيعي …
صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ توسيعي مشاورتي اجلاس، ضرورت جي شين جي دستيابي يقيني بڻائڻ ۽ عوام تي اثر گهٽ ڪرڻ جي قدمن تي بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي آهي ته تيل ۽ گئس جي فراهمي تي دٻاءُ، توانائي جي وڌندڙ لاڳت ۽ بدلجندڙ علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ عوام، خاص طور تي عام ماڻهو تي ضرورت جي شين ۽ خدمتن جي حوالي سان وڌندڙ قيمتن جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ هڪ توسيعي مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، چئني صوبن جي قيادت، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وفاقي وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ اسٽيبلشمينٽ وارو وفاقي وزير احد خان چيما، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمد سهيل آفريدي، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز احمد بگٽي، گلگت بلتستان جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) يار محمد، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم فيصل ممتاز راٺور، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان، وزيراعظم جو خاص معاون طارق باجوه، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب، سينيٽر سليم مانڊوي والا، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جا سينيئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي چئني صوبائي حڪومت، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پاران قيمتن جي دٻاءُ کي ڪنٽرول ڪرڻ، ضرورت جي شين جي دستيابي يقيني بڻائڻ ۽ عوام تي اثر گهٽ ڪرڻ جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي ته جيئن هڪ ٺوس قومي ردعمل يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وسيع تر علائقائي صورتحال ۽ ان جي پاڪستان جي سيڪيورٽي، معيشت ۽ غذائي تحفظ تي ممڪن اثرن جو پڻ جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خاطري ڪرائي وئي ته عالمي بحران جي باوجود وقت سر فيصلن جي ڪري ٻارڻ جي فراهمي ۾ ڪو تعطل ناهي آيو ۽ ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ وڏا ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته مستقبل جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس کي حڪومت جي فعال سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ ترڪيه، سعودي عرب ۽ مصر جي قيادت سان تازي رابطن ۽ تڪرار ۾ شامل ملڪن جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه شامل آهي. هن بيجنگ جي پنهنجي ايندڙ دوري بابت پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران تيل جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويزن کي ڪيترائي ڀيرا رد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪفايت شعاري قدمن سان بچايل رقم عوامي ريليف تي خرچ ڪئي پئي وڃي. اهو به ٻڌايو ويو ته ڪفايت شعاري جي شروعات حڪومت پاڻ پنهنجا خرچ گهٽ ڪري ڪئي، جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ۽ سرڪاري گاڏين جي 60 سيڪڙو فوري طور تي بند ڪرڻ شامل آهي. صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ٺوس فيصلا ڪيا وڃن ۽ معاشي نظم ۽ ضبط، توانائي جي منصوبابندي، غذائي تحفظ ۽ سيڪيورٽي تيارين ۾ هم آهنگي پيدا ڪئي وڃي. صدر عوامي آگاهي مهمن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، جن ۾ ٻارڻ جي استعمال ۾ گهٽتائي، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي فروغ ۽ گڏيل سفري سهولتن کي اختيار ڪرڻ جي ترغيب شامل هجي، ته جيئن طلب جي بهتر انتظام کي يقيني بڻائي سگهجي.











