پي ايس ايل -11 ۾ لاهور پوليس پاران سيڪيورٽي وڌيڪ سخت

لاهور-30 مارچ (اي پي پي)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن -11 دوران سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاهور پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. لاهور پوليس جي ترجمان مطابق سال 2026ع دوران ٽريول آءِ سافٽ ويئر جي مدد سان 17 لک 64 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي وئي، جڏهن ته هوٽل آءِ سافٽ ويئر جي ذريعي 2 لک 83 هزار …

لاهور-30 مارچ (اي پي پي)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن -11 دوران سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاهور پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. لاهور پوليس جي ترجمان مطابق سال 2026ع دوران ٽريول آءِ سافٽ ويئر جي مدد سان 17 لک 64 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي وئي، جڏهن ته هوٽل آءِ سافٽ ويئر جي ذريعي 2 لک 83 هزار کان وڌيڪ مسافرن جو رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو ويو.اهڙيءَ ريت سمارٽ آءِ سافٽ ويئر ذريعي 6 هزار 822 غير ملڪين جي ڊيٽا جي تصديق ڪئي وئي. ترجمان مطابق ڪاررواين دوران 270 اشتهاري ڏوهارين، 58 عدالتي مفرور ٿيلن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. سي سي پي او لاهور مطابق جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

مزید خبریں