پي ايس ايل -11 هين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي تي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ

لاهور -30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي تي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لڳايو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مطابق اها ڀڃڪڙي حسن علي لاهور قلندرز خلاف کيڏيل ميچ دوران ڪئي. ميچ ۾ جڏهن حسن علي 19هين اوور ۾ بيٽسمين حسيب الله کي آئوٽ ڪرڻ بعد ساڻس نامناسب رويو اختيار …

لاهور -30 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي تي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لڳايو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مطابق اها ڀڃڪڙي حسن علي لاهور قلندرز خلاف کيڏيل ميچ دوران ڪئي. ميچ ۾ جڏهن حسن علي 19هين اوور ۾ بيٽسمين حسيب الله کي آئوٽ ڪرڻ بعد ساڻس نامناسب رويو اختيار ڪيو. پي سي بي جو چوڻ آهي ته حسن علي حسيب الله کي آئوٽ ڪرڻ بعد کيس اڪسائڻ  لاءِ غير مناسب ٻولي، اشارا ۽ حرڪت ڪئي جيڪا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ليول ون جي آرٽيڪل 2.5 جي ڀڃڪڙي آهي. ميچ ريفري ان حرڪت تي حسن علي تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو آهي. بورڊ مطابق حسن علي ٻڌڻي دوران پنهنجي غلطي تسليم ڪئي جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت پيش نه آئي.

مزید خبریں