واشنگٽن -19 مارچ ( اي پي پي) آمريڪي دفاع واري اداري پينٽاگون وائيٽ هائوس کان آمريڪا - ايران جنگ لاءِ 200 ارب ڊالرن جي رقم جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن کان پوءِ آمريڪي ڪانگريس ۾ ان معاملي تي هڪ وڏو سياسي بحث جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب واشنگٽن پوسٽ سينيئر حڪومتي عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته پينٽاگون وائيٽ هائوس کان ايران ۾ جنگ جا …
پينٽاگون وائيٽ هائوس کان ايران جنگ لاءِ 200 ارب ڊالرن جو مطالبو ڪري ورتو

مزید خبریں
واشنگٽن -19 مارچ ( اي پي پي) آمريڪي دفاع واري اداري پينٽاگون وائيٽ هائوس کان آمريڪا – ايران جنگ لاءِ 200 ارب ڊالرن جي رقم جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن کان پوءِ آمريڪي ڪانگريس ۾ ان معاملي تي هڪ وڏو سياسي بحث جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب واشنگٽن پوسٽ سينيئر حڪومتي عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته پينٽاگون وائيٽ هائوس کان ايران ۾ جنگ جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 200 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ جي رقم جي منظوري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽ موجب اها رقم صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه کي هيستائين جي جنگ جي خرچ کان وڌيڪ هوندي ۽ ان جو مقصد استعمال ٿيندڙ اهم هٿيارن جي پيداوار کي فوري طور وڌائڻ آهي. گذريل ٻن هفتن کان ان مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ اهم هٿيارن جي پيداوار کي فوري طور تي وڌائڻ آهي. گذريل ٻن هفتن دوران پينٽاگون پاران فنڊنگ جون ڪيتريون ئي مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون ۽ واشنگٽن پوسٽ موجب تازه ترين تجويز تي ڪانگس ۾ وڏو سياسي بحث ٿي سگهي ٿو. رپورٽ موجب آمريڪي دفاع واري اداري ۽ وائيٽ هائوس ٻنهي ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.











