اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان لبنان جي گهرو وزير احمد الحجار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي سهڪار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل لاڳاپن جي استحڪام تي جامع ڳالهيون ٿيون. لبنان جي گهرو وزير جي گهرو وزارت اچڻ تي محسن نقوي شاندار آجيان ڪئي. جنهن کان پوءِ ٻنهي وزيرن وچ ۾ پهرين ون آن ون ۽ پوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. …
وفاقي گهرو وزير سان لبنان جي هم منصب جي ملاقات، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان لبنان جي گهرو وزير احمد الحجار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي سهڪار، دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل لاڳاپن جي استحڪام تي جامع ڳالهيون ٿيون. لبنان جي گهرو وزير جي گهرو وزارت اچڻ تي محسن نقوي شاندار آجيان ڪئي. جنهن کان پوءِ ٻنهي وزيرن وچ ۾ پهرين ون آن ون ۽ پوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ، غيرقانوني اميگريشن، مني لانڊرنگ ۽ سائبر ڪرائمز جي موثر حل لاءِ گڏيل حصيداري کي سگهه ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن دهشتگردن ۽ ڊرگ مافيا جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس شيئرنگ کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته پوليس اڪيڊميز ۽ ٽريننگ پروگرامز لاءِ گڏيل سهڪار، علائقائي صورتحال ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي به ڳالهيون ٿيون. ڌرين ٻنهي وزارتن وچ ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ جلد هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪرڻ ۽ ٻه طرفه تعاون وڌائڻ لاءِ باقاعده فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان علاوه منشيات جي روڪٿام واري شعبي ۾ موجود مفاهمتي يادداشت تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي وئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽس تي ويزا فري انٽري جي سهولت فراهم ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لبنان جي هم منصب جي دوري کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته اها اڳڀرائي ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ تعاون جا نوان دروازا کوليندي. ٻئي پاسي لبنان جي گهرو وزير احمد الحجار پاڪستان ۾ شاندار مهمان نوازي تي ٿورو مڃيندي چيو ته لبنان پاڪستان کي هڪ برادر ملڪ سمجهي ٿو ۽ گڏيل مفادن، خاص ڪري داخلي سيڪيورٽي جي شعبي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. ڳالهين ۾ مملڪتي وزير طلال چوڌري، وفاقي گهرو سيڪريٽري، نادرا چيئرمين، ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اي اين ايف، آءِ جي فيڊرل ڪانسٽيبلري، نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، ڊي جي پاسپورٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.










