ڪولمبيا ۽ چلي جُون فُٽ بال ٽيمُون نومبر ۾ ٻه دوستاڻيون ميچ کيڏنديُون

بوگوٽا-15 سيپٽمبر(اي پي پي) ڪولمبين فٽبال فيڊريشن اعلان ڪيو آهي ته  ڪولمبيا ۽ چلي وچ ۾ نومبر ۾ ٻن دوستاڻين فٽ بال ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيريز جي جو پهريون ميچ 13 نومبر تي ڪالي ۾ کيڏيو ويندو، جنهن مان حاصل ٿيندڙ آمدني آگسٽ ۾ 7.4 جي شدت جي زلزلي متاثر علائقن ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪمن لاءِ وقف ڪئي ويندي. ان کان پوءِ ٻئي ٽيمون 4 ڏينهن بعد چلي جي گادي واري هنڌ سانٽياگو ۾ ٻيو ڀيرو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿينديون. ڪولمبيا هن وقت فيفا جي …

بوگوٽا-15 سيپٽمبر(اي پي پي) ڪولمبين فٽبال فيڊريشن اعلان ڪيو آهي ته  ڪولمبيا ۽ چلي وچ ۾ نومبر ۾ ٻن دوستاڻين فٽ بال ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيريز جي جو پهريون ميچ 13 نومبر تي ڪالي ۾ کيڏيو ويندو، جنهن مان حاصل ٿيندڙ آمدني آگسٽ ۾ 7.4 جي شدت جي زلزلي متاثر علائقن ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪمن لاءِ وقف ڪئي ويندي. ان کان پوءِ ٻئي ٽيمون 4 ڏينهن بعد چلي جي گادي واري هنڌ سانٽياگو ۾ ٻيو ڀيرو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿينديون. ڪولمبيا هن وقت فيفا جي عالمي درجه بندي ۾ 11 هين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته چلي جي عالمي رينڪنگ 49 هين نمبر تي آهي.