واشنگٽن-19 مارچ (اي پي پي)آمريڪي اداري نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر جي استعيفيٰ ڏنل سربراهه جوڪينٽ انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪي صدر وٽ ايران جا آمريڪا لاءِ فوري خطرو هجڻ جا ڪي به ثبوت موجود نه هئا، ان باوجود اسرائيل ان کي ايران تي حملي لاءِ مجبور ڪيو. جوڪينٽ جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ ايران جنگ بابت خدشن تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي. اهڙو اظهار هن آمريڪي صحافي جي شو …
ايران جا آمريڪا لاءِ فوري خطرو هجڻ جا ڪي به ثبوت موجود نه هئا: آمريڪا جي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر جي مستعفي سربراهه جوڪينٽ جو انڪشاف

مزید خبریں
واشنگٽن-19 مارچ (اي پي پي)آمريڪي اداري نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر جي استعيفيٰ ڏنل سربراهه جوڪينٽ انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪي صدر وٽ ايران جا آمريڪا لاءِ فوري خطرو هجڻ جا ڪي به ثبوت موجود نه هئا، ان باوجود اسرائيل ان کي ايران تي حملي لاءِ مجبور ڪيو. جوڪينٽ جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ ايران جنگ بابت خدشن تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي. اهڙو اظهار هن آمريڪي صحافي جي شو ۾ ڳالهائيندي ڪيو. رپورٽ موجب هن چيو ته کيس ۽ ٻين ڪيترن ئي سينئر آمريڪي عهديدارن کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏني وئي هئي ته هو صدر کي ايران تي حملي جي خطرن کان آگاهه ڪري سگهن ۽ آمريڪي صدر ايران تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ صلاحڪارن جي هڪ ننڍي حلقي تي ڀاڙيو. هن چيو ته اهم فيصلي سازن کي صدر ٽرمپ آڏو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ جي اجازت نه هئي ۽ نه ئي ايران تي حملي جي فيصلي کان اڳ ان حوالي سان ڪو جامع بحث ڪرايو ويو. جوڪينٽ اهو انڪشاف به ڪيو ته آمريڪي انتظاميه جي ميمبرن جي اندر به ايران تي حملن جي حوالي سان خدشا موجود هئا پر هن اهو نه ٻڌايو ته کيس ايران تي حملي جي نتيجن بابت پنهنجي خدشن کان صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي آگاهه ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو هو. هن جو اهو انڪشاف صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران تي حملي جي فيصلي جي اندروني ڪهاڻي جي جهلڪ پيش ڪندي ان خطري جي به نشاندهي ڪري ٿو ته جنگ ان جي سياسي بنياد کي ورهائي سگهي ٿي. هن چيو ته اهڙو ڪو ڳجهو اطلاع نه هو ته ايران جوهري هٿيار تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جوڪينٽ چيو ته سندس خيال آهي ته اسرائيل حملي ڪرڻ جو واعدو ڪري آمريڪا کي ايران تي حملي تي مجبور ڪيو جنهن خطي ۾ آمريڪي مفادن کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو. هن چيو ته ايران کي آمريڪا لاءِ خطرو قرار ڏيڻ ۾ اسرائيلي عملدارن ۽ آمريڪي ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي. هن ٻڌايو ته ايران تي حملي جو فيصلو اسرائيلين ڪيو، هن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ هائوس جي اسپيڪر مائيڪ جانسن جي تبصرن جو حوالو پڻ ڏنو جن چيو آهي ته اسرائيل جي منصوبن آمريڪا کي ايران تي حملو ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جوڪينٽ چيو ته اسرائيلي وزيراعظم ۽ ٻيا اسرائيلي عملدار ذاتي طور تي صدر ٽرمپ کي باور ڪرايو ته ايران آمريڪا لاءِ خطرو آهي ۽ پنهنجي موقف جي حمايت ۾ اڪثر اهڙي معلومات پيش ڪئي جنهن جي آمريڪي عملدارن تصديق نه ڪري سگهيا. جيڪو ڪجهه اسرائيلي چئي رهيا هئا ان جي آمريڪي انٽيليجنٽس رپورٽس ۾ عڪاسي نه ٿيندي هئي، جوڪينٽ دعويٰ ڪئي ته ٽرمپ جي جنگ شروع ڪرڻ جي فيصلي جي پويان اسرائيلي لابي جو هٿ هو.











