لاهور-11 مارچ (اي پي پي) لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ جي قيادت ۾ رانديگرن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پي سي بي چيئرمين قوم هاڪي ٽيم کي 8 سال کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي مبارڪ ڏني. محسن نقوي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ٽورنامنٽ ۾ رانديگرن جي بهترين ڪارڪردگي ۽ محنت کي ساراهيندي چيو ته ٽيم اعليٰ راند پيش …
پي سي بي چيئرمين سان قومي هاڪي ٽيم جي ملاقات
لاهور-11 مارچ (اي پي پي) لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ جي قيادت ۾ رانديگرن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پي سي بي چيئرمين قوم هاڪي ٽيم کي 8 سال کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي مبارڪ ڏني. محسن نقوي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ٽورنامنٽ ۾ رانديگرن جي بهترين ڪارڪردگي ۽ محنت کي ساراهيندي چيو ته ٽيم اعليٰ راند پيش ڪندي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي. هن اعلان ڪيو ته جيڪي رانديگر ملازمت نه ٿا رکن انهن کي ملازمتون فراهم ڪيون وينديون. پي سي بي چيئرمين چيو ته زخمي هاڪي رانديگرن جو علاج پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرائيندو ۽ فٽنس ۽ ميڊيڪل جي حوالي سان به هاڪي رانديگرن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن ڀرپور سهڪار تي پي سي بي چيئرمين جو ٿورو مڃيو. قومي هاڪي ٽيم جي ڪوچ چيو ته توهان جي سهڪار رانگيرن جي حوصله افزائي ڪئي آهي ۽ مشڪل وقت ۾ رانديگرن جي مدد ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون. ملاقات ۾ پي سي بي جو چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، چيف فنانشل آفيسر ۽ ٻيا ڊائريڪٽرز به موجود هئا.












