چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽيءَ جو هنگامي ورچوئل اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي عدليه ۾ ڪفايت شعاري ۽ توانائي بچت وارا قدم لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ پيٽروليم سپلاءِ ۾ امڪاني رنڊڪ ۽ عالمي توانائي خرچن ۾ …

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽيءَ جو هنگامي ورچوئل اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي عدليه ۾ ڪفايت شعاري ۽ توانائي بچت وارا قدم لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ پيٽروليم سپلاءِ ۾ امڪاني رنڊڪ ۽ عالمي توانائي خرچن ۾ واڌ جي نظر ۾ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ وسيلن جي ذميداراڻي استعمال کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته عدليه توانائي بچت ۽ قومي وسيلن جي تحفظ لاءِ قومي ڪوششن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي. نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي وفاقي شرعي عدالت ۽ سمورين هاءِ ڪورٽس ۾ 4 ڏينهن ورڪنگ ويڪ لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. فيصلي موجب وفاقي شرعي عدالت ۽ هاءِ ڪورٽس سومر کان خميس تائين مڪمل ڪم ڪنديون جڏهن ته جمعي ۽ ڇنڇر تي هنگامي عدالتي ۽ انتظامي معاملا جاري رکڻ لاءِ داخلي انتظام ڪيا ويندا. ضلعي عدالتن ۾ به سومر کان خميس تائين 4 ڏينهن ورڪنگ ويڪ لاڳو هوندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جمعي ۽ ڇنڇر تي هاءِ ڪورٽس ۾ عملي جي گهٽ کان گهٽ حاضري رکي وڃي جڏهن ته هاءِ ڪورٽس ۽ ضلعي عدالتن ۾ عملي جي روٽيشنل حاضريءَ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو. ڪميٽيءَ وفاقي شرعي عدالت ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججن جي پي او ايل الائونس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جڏهن ته جوڊيشل آفيسرن جي پي او ايل الائونس ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائيءَ جي منظوري به ڏني. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاءِ سيڪيورٽي زونز جي اندر چُرپر دوران اضافي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي گاڏيون مقرر نه ڪيون وينديون ته جيئن ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ججن ۽ جوڊيشل آفيسرن جي سيڪيورٽي حالتن موجب برقرار رکي ويندي. نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي ڪيسن جي ٻُڌڻي ۾ وڊيو لنڪ سهولت جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو ۽ وڪيلن ۽ سائيلن کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالتي ڪارروائيءَ ۾ شرڪت جي ترغيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ڪفايت شعاري جي قدمن باوجود عوام کي انصاف جي فراهميءَ جو عمل بنا رنڊڪ جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں