اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد ۾ موسم جهڙالي رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ گجگجوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ برفباري جو به امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن موسم خشڪ رهندي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته …
ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد ۾ موسم جهڙالي رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ گجگجوڙ سان برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد ۾ موسم جهڙالي رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ گجگجوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ برفباري جو به امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن موسم خشڪ رهندي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح رات جي وقت ۾ ٿڌ رهندي، جڏهن ته مٿاهين ڪي پي ڪي، ڪشمير، اسلام آباد، پوٺوهار ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. گلگت بلتستان، استور 36، بگروٽ 7، گلگت، بونجي ۽ چلاس 6، اسڪردو 4، گوپس هڪ، پارا چنار 30، ڪالام 17، پٽن 11، ڪاڪول 8، چترال، بالاڪوٽ ۽ بنون 6، ميرخاني 5، لوئر دير، سيدو شريف ۽ چراٽ 4، دير ۽ دروش 3، مالم جبه ۽ باچا خان ايئرپورٽ 2، پشاور سٽي هڪ، ڳڙهي دوپٽه 9، مظفر آباد سٽي 8، مظفر آباد ايئرپورٽ 7، راولاڪوٽ 4، ڪوٽلي هڪ، پنجاب جي علائقن مري 7، اٽڪ 4، اسلام آباد سٽي 2، اسلام آباد ايئرپورٽ هڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪالهه رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد مٺي، شهيد بينظير آباد 41، دادو، ٽنڊو ڄام 39 رڪارڊ ڪيو ويو.











