اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جو موقف پيش ڪندي وچ اوڀر ۽ …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جو موقف پيش ڪندي وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي اهميت تي زور ڏيندي ان ڳالهه تي پڻ تاڪيد ڪئي ته گڏيل قومن جي منشور جي اصولن موجب ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي اڳتي وڌايو وڃي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ چين جي هر موسم ۾ قائم رهندڙ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي مضبوطي جو پڻ ورجاءُ ڪيو، ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.











