اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي موشن پڪچر (ترميمي) بل 2024ع منظور ڪري ورتو. ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ لاجز اسلام آباد جي اولڊ پپس هال ۾ ٿيو. اجلاس ۾ موجود ميمبرن متفقه طور تي سينيٽر سرمد علي کي اجلاس جي ڪارروائي جي صدارت لاءِ نامزد ڪيو. ڪميٽي مختصر بحث کانپوءِ متفقه طور تي موشن پڪچر (ترميمي) بل 2024ع منظور ڪري …
سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران موشن پڪچر (ترميمي) بل 2024ع منظور

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي موشن پڪچر (ترميمي) بل 2024ع منظور ڪري ورتو. ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ لاجز اسلام آباد جي اولڊ پپس هال ۾ ٿيو. اجلاس ۾ موجود ميمبرن متفقه طور تي سينيٽر سرمد علي کي اجلاس جي ڪارروائي جي صدارت لاءِ نامزد ڪيو. ڪميٽي مختصر بحث کانپوءِ متفقه طور تي موشن پڪچر (ترميمي) بل 2024ع منظور ڪري ورتو جيڪو ان وقت جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مرتضيٰ سولنگي پاران پيش ڪيو ويو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته ڪميٽي پاران پيش ڪيل پنج ئي سفارشون بل ۾ شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ سيڪشن (2) 6، سيڪشن 7، سيڪشن 9 (اپيلٽ ڪميٽي جي جوڙجڪ)، سيڪشن 13 ۽ سيڪشن 15 ۾ ترميمون شامل آهن. ڪميٽي سينيٽر محمد عبدالقادر پاران پيش ڪيل پرائيويٽ ميمبر بل ”پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) بل 2025ع“ تي پڻ غور ڪيو جڏهن ته ان معاملي کي ناڻي واري وزارت ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت سان وڌيڪ مشاورت تائين ملتوي ڪيو ويو. بل جو بنيادي مقصد بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ هڪ پارليامينٽ ميمبر کي شامل ڪرڻ آهي. اجلاس دوران سينيٽر سيد وقار مهدي ان کان اڳ اٿاريل معاملي جي نشاندهي ڪئي ته اليڪٽرانڪ ڏوهن جي تدارڪ جي قانون (پيڪا) تحت ڪيس نامزد اٿارٽي بدران صوبائي پوليس عملدارن پاران داخل ڪيا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته معاملي تي غور جي لاءِ چئني صوبن جي انسپيڪٽرز جنرل پوليس ۽ ايڊووڪيٽ جنرلز کي طلب ڪيو وڃي. تفصيلي بحث کانپوءِ ڪميٽي ان معاملي جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪميٽي ميمبرن سينيٽر جان محمد بليدي، سينيٽر سيد وقار مهدي شرڪت ڪئي جڏهن ته سينيٽر پرويز رشيد زوم لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. بل جي محرڪ جي حيثيت سان سينيٽر محمد عبدالقادر پڻ اجلاس ۾ موجود هو.











