اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته موجوده حالتون قومي اتحاد جي گُهر ڪن ٿيون، پاڪستان ڪنهن ملڪ خلاف جنگ ۾ شامل ناهي ٿي رهيو، سعودي عرب سان پنهنجي دفاعي معاهدي تي قائم آهيون، حرمين الشريفين جي دفاع لاءِ جانيون قربان ڪرڻ کان به پاسو نه ڪنداسين، اسان ڪنهن ملڪ کي خوشنودي بدران پنهنجي ملڪ جي مفاد کي نظر …
موجوده حالتون قومي اتحاد جي گُهر ڪن ٿيون، اسان ڪنهن ملڪ کي خوشنودي بدران پنهنجي ملڪ جي مفاد کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪندا آهيون: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته موجوده حالتون قومي اتحاد جي گُهر ڪن ٿيون، پاڪستان ڪنهن ملڪ خلاف جنگ ۾ شامل ناهي ٿي رهيو، سعودي عرب سان پنهنجي دفاعي معاهدي تي قائم آهيون، حرمين الشريفين جي دفاع لاءِ جانيون قربان ڪرڻ کان به پاسو نه ڪنداسين، اسان ڪنهن ملڪ کي خوشنودي بدران پنهنجي ملڪ جي مفاد کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪندا آهيون. قومي اسيمبليءَ ۾ مختلف ميمبرن طرفان اُٿاريل نُڪتن جو جواب ڏيندي هن چيو ته خطي جي موجوده صورتحال سنجيده معاملو آهي، پر هن ايوان ۾ ان تي به سياست ڪئي پئي وڃي، مئي ۾ ڀارتي اڳرائيءَ جو اسان مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ان ۾ پوري قوم گڏ بيٺل هئي، موجوده حالتن ۾ جيڪي بيان ڏنا پيا وڃن ته پاڪستان جنگ جو حصو بڻجڻ وڃي رهيو آهي، ته اهو واضح ڪري ڇڏيان ته پاڪستان نه ئي ڪنهن ملڪ خلاف جنگ ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ تي حملو ڪرڻ وڃي رهيو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ سڀ کان پهرين ملڪ آهي. هن چيو ته ان معاملي تي سياست ۽ اختلافي بيان بازي کان پاسو ڪيو وڃي. سعودي عرب سان اسان جو دفاعي معاهدو آهي، اسان ان تي قائم آهيون، حرمين الشريفين جي دفاع لاءِ ٻچو ٻچو ڪٽجڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ايران تي حملو ۽ آيت الله خامنه اي جي شهادت تي اسان مذمت ڪئي آهي ۽ اسان ايران سان گڏ آهيون. نار ملڪن تي ڊرون ۽ ميزائل حملا به مذمت جوڳا آهن. هن چيو ته هن ايوان ۾ خطي جي صورتحال تي ميمبرن ڀرپور آواز اُٿاريو ۽ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن کي وقت ڏنو ويو. هن چيو ته وزيراعظم جي دعوت تي رانا ثناءُ الله جي سربراهيءَ ۾ اسان مخالف ڌر جي چيمبر ۾ وياسين ۽ کين دعوت ڏني ته موجوده صورتحال تي اِن ڪئميرا تي بريفنگ ۾ شامل ٿين. سيڪيورٽي ادارن ان ايوان ۾ اچي بريفنگ ڏني پر مخالف ڌر ان بريفنگ جو بائيڪاٽ ڪيو. اها عام دعوت هئي ته هتي اچو هتي بريفنگ ڏني وڃڻي هئي ۽ ان جي تجويزن جي روشنيءَ ۾ لائحه عمل بڻائڻو هو. هاڻ هتي تنقيد بنا جواز آهي. هن چيو ته مخالف ڌر سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري، اسان سندن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان ڪنهن ملڪ جي خوشنودي بدران پنهنجي ملڪ جي مفاد کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪندا آهيون. هن چيو ته ان ئي قومي اتحاد جي ضرورت آهي جيڪو ”بنيان المرصوص“ جي وقت هو. هن ملڪ ۾ جڏهن به چونڊون ٿيون ته ان تي اعتراض اُٿاريا ويا، اسان ورهاست واري سياست نٿا ڪرڻ چاهيون جڏهن ته اهو ٻُڌايو وڃي ته پي ٽي آءِ باني اسرائيل خلاف ڪو مذمتي بيان جاري ڪيو هجي ته ڏيکاريو. هن چيو ته وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ بجيٽ جي حوالي سان قدم تجويز ڪيا ويا آهن، ڪابينه ميمبرن رضاڪاراڻي طور 2 مهينن جي پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هفتي ۾ هاڻ 3 ڏينهن موڪل هوندي، سرڪاري ادارن ۾ پيٽرول جي کپت اڌ ڪئي وئي آهي. اميد آهي ته قوم ان تي عمل ڪندي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر گڏجي اسان ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.











