اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ وڌ کان وڌ پيداواري شعبن کي خودڪار نگراني جي دائري ۾ آڻڻ ۽ ٽيڪس چوري جي خاتمي جي لاءِ انفورسمينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي معاملن تي هفتيوار جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ …
وزيراعظم شهباز شريف پاران ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي لاءِ وڌ کان وڌ پيداواري شعبن کي خودڪار نگراني جي دائري ۾ آڻڻ ۽ ٽيڪس چوري جي خاتمي لاءِ انفورسمينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ وڌ کان وڌ پيداواري شعبن کي خودڪار نگراني جي دائري ۾ آڻڻ ۽ ٽيڪس چوري جي خاتمي جي لاءِ انفورسمينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي معاملن تي هفتيوار جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ وڌ کان وڌ پيداواري شعبن کي خودڪار نگراني جي دائري ۾ آڻڻ ۽ ايف بي آر اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ ٽيڪس چوري جي خاتمي لاءِ انفورسمينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پرال (PRAL) جي ايگزيڪيوٽو ٽيم ۾ ميرٽ جي بنياد تي ماهرن جي ڀرتين ۽ پرال کي هڪ فعال ادارو بڻائڻ تي معاشي ٽيم کي ساراهيو. وزيراعظم ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کي ملڪ ۾ تيار ڪيل دوائن جي سيريئلائيزيشن جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ آٽو ٽيڪس سسٽم، ڊيجيٽل انوائسنگ سسٽم، آئرس (IRIS) ۽ ٻين ايپليڪيشنز کي اردو ۽ ٻين مقامي زبانن ۾ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ملڪ جي مختلف شعبن ۾ پيداوار جي نگراني جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪيترائي نظام لاڳو آهن ۽ ڪيترائي جلد فعال ٿي ويندا، پيداوار جي نگراني جي لاءِ وڊيو ايناليٽيڪس، يونٽ ڪائونٽنگ، بار ڪوڊ اسڪيننگ، اسٽيمپنگ، سيريئلائيزيشن ۽ ٻيا ذريعا استعمال ڪيا پيا وڃن. بريفنگ موجب شگر، سيمنٽ، سگريٽ ۽ ڀاڻ جي سمورن ڪارخانن ۾ پيداوار جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ان قدم سان ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل، چمڙي، ڪاغذ، آٽو موبائيل، مشروبات ۽ ٻين شعبن ۾ پيداوار جي نگراني جي لاءِ قدم جاري آهن جنهن سان اربين رپيا اضافي ٽيڪس آمدني ٿيندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جو اعتماد بحال ڪرڻ جي لاءِ آلٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميٽيز جي قانون ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن، آلٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميٽيز جي ذريعي 30 جون 2026ع تائين ٽيڪس جي مد ۾ 80 ارب رپيا آمدني وصول ٿيڻ جي اميد آهي، جولاءِ 2025ع کان جنوري 2026ع تائين ٽيڪس ڪيسن جي فيصلن جي نتيجي ۾ قومي خزاني کي 102.9 ارب رپيا ٽيڪس وصول ٿيو، جون 2026ع تائين التوا هيٺ ٽيڪس ڪيسن سان ٽيڪس جي مد ۾ 359 ارب رپيا وصول ٿيڻ جي اميد آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ جي نئين ايگزيڪيوٽو ٽيم فعال ٿي چڪي آهي، پرال جو ڊيجيٽل انوائسنگ جو نظام مڪمل طور تي فعال ٿي چڪو آهي، جنوري ۽ فيبروري جي مهينن ۾ 800 ارب رپين جي ڊيجيٽل انوائسنگ ٿي چڪي آهي جڏهن ته اپريل 2026ع ۾ 3 کرب رپين جي ڊيجيٽل انوائسنگ جو هدف پڻ حاصل ٿي سگهندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته موجوده گهرجن سان هم آهنگ ايف بي آر جو نئون ڊيٽا سينٽر مڪمل طور تي تيار ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ڪارگو ٽريڪنگ جي لاءِ ڊيجيٽل ڪارگو ٽريڪنگ جو نظام خاص طور تي اي بلٽي جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي. پيٽروليم مصنوعات جي، جي پي ايس ٽريڪنگ جي لاءِ ٺوس نظام لاڳو ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اٽارني جنرل آف پاڪستان، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.











