پرڏيهي پاليسي بابت سوشل ميڊيا تي غيرضروري تبصرا نقصانڪار آهن: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پرڏيهي پاليسي بابت سوشل ميڊيا تي غيرضروري تبصرن کي نقصانڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي لاءِ پاڪستان جو مفاد مٿانهون آهي، خطي جي ملڪن سان اسان جا ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، پرڏيهي پاليسي کي مقامي معاملن جي طور تي نه ورتو وڃي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ قانون واري وفاقي …

اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پرڏيهي پاليسي بابت سوشل ميڊيا تي غيرضروري تبصرن کي نقصانڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي لاءِ پاڪستان جو مفاد مٿانهون آهي، خطي جي ملڪن سان اسان جا ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، پرڏيهي پاليسي کي مقامي معاملن جي طور تي نه ورتو وڃي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته موجوده صورتحال ۾ پرڏيهي آفيس جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. نه رڳو نائب وزيراعظم جي آفيس مان پر پرڏيهي ترجمان جي آفيس مان پڻ هر ٻئي ڏينهن پريس ريليز جاري ڪئي وڃي ٿي ۽ ترجمان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ جي لاءِ پڻ دستياب هوندو آهي. اهڙي طرح وزيراعظم آفيس پاران پڻ پرڏيهي لاڳاپن بابت تفصيلي پريس ريليز جاري ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ويوز حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ لڳل آهي، جيڪڏهن ڪنهن وي لاگ تي وڌيڪ ويوز حاصل ڪرڻ مقصد هجي ته ڪجهه وقتن تي ٻن ملڪن جي حوالي سان اهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون جن سان وڌيڪ ڌيان حاصل ٿئي ۽ ان جي نتيجي ۾ مونيٽائيزيشن ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته عرب ملڪ ۽ ايران پاڪستان جي لاءِ اهميت رکن ٿا، ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي جڏهن ته پاڪستان جي پاليسي سدائين واضح رهي آهي ته قومي مفاد سڀ کان مٿانهون آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پنهنجي پرڏيهي پاليسي آهي ۽ انهي تحت توازن برقرار رکندي مسلمان ملڪن سان اسان جا بهترين لاڳاپا قائم آهن. وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان ٻين کي ڊس ڪريڊٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ۽ پنهنجا خيال قوم تائين پهچائڻ جي لاءِ پرڏيهي پاليسي جون من پسند تشريحون پيش ڪريون ٿا ته اهو مناسب طرز عمل نه آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان منهنجو حلف ۽ آئين ان ڳالهه جو پابند بڻائي ٿو ته پرڏيهي آفيس يا وزيراعظم آفيس پاران جيڪو موقف سامهون اچي، هو انهي دائري ۾ رهندي ڳالهه ڪري. هن چيو ته ذاتي طور تي ڪنهن معاملي تي سندس پنهنجي راءِ ٿي سگهي ٿي پر هو پنهنجي ذاتي راءِ کي اڳتي منتقل نه ٿو ڪري ۽ نه ئي ان کي ڪنهن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته سنسني پيدا ڪري ويوز حاصل ڪرڻ خطرناڪ رجحان آهي. وفاقي وزير چيو ته هتي ڪيترائي ذميوار ۽ باصلاحيت صحافي موجود آهن ۽ ڪيترائي اينڪرز پڻ موجوده صورتحال جي حوالي سان انتهائي سنجيده ۽ ذميواراڻي انداز ۾ ڳالهه ڪري رهيا آهن ڇو ته اهي خطي جي جيو پوليٽيڪل صورتحال کي بهتر طور تي سمجهن ٿا تنهن هوندي به ڪنهن ملڪ جي خلاف غيرضروري بيان ڏيڻ جو جيڪو رجحان پيدا ٿي رهيو آهي اهو مناسب نه آهي ڇو ته خطي جي ملڪن سان پاڪستان جا ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي غيرضروري تبصرا نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا، ان سان ڪجهه ملڪن کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته شايد اها رياست جي پاليسي هجي ڇو ته انهن وٽ پرڏيهي پاليسي جي معاملن تي ميڊيا ۾ ايندڙ ڳالهيون عام طور تي رياستي موقف سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته ان معاملي ۾ احتياط جي ضرورت آهي، اسان جي حب الوطني ۽ پاڪستان سان محبت جي گهرج آهي ته پرڏيهي پاليسي کي مقامي سياسي معاملن وانگر نه ورتو وڃي. سياستدان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مخالفت به ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي تي تنقيد به ڪن ٿا. هن چيو ته مقامي سياست جا پنهنجا ڊائنامڪس هوندا آهن جتي سخت تنقيد به ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو سياسي عمل جو حصو آهي. هن چيو ته مقامي سياست ۾ سئو ڀيرا تنقيد ڪئي وڃي پر جيڪڏهن اهو ئي طرزعمل پرڏيهي پاليسي جي معاملن تي اختيار ڪيو ويندو ته ان سان ملڪ کي نقصان پهچي سگهي ٿو تنهن ڪري پرڏيهي پاليسي تي بي لاگ تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي.

مزید خبریں